190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ عمران خان جي بريت جي درخواست رد

190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ عمران خان جي بريت جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان ۽ بشرا بي بي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ريفرنس جي آخري شاهد جاچ آفيسر ميان عمر نديم تي اڄ به جرح نه ٿي سگهي.ٻڌڻي دوران باني پي ٽي آءِ جي وڪيلن عمران خان جي بريت واري درخواست تي دليل ڏنا.وڪيل ظهير عباس چيو ته نيب ترميمي فيصلي کانپوءِ اهو ڪيس نه ٿو پيدا ٿئي، نيب ترميمن جي روشني ۾ ڪابينا جا فيصلا محفوظ آهن، عمران خان سڌي ريت ڪو به مالي فائدو حاصل ناهي ڪيو.ان موقعي تي نيب پراسيڪيوشن ٽيم پاران بريت واري درخواست جي مخالفت ڪئي وئي.نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته عمران خان ڪابينا کي گمراهه ڪيو، 190 ملين پائونڊن بابت اصل حقيقتون ڪابينا آڏو لڪايون ويون ؟،جنهن بعد عدالت صفوران جي وڪيلن کي نيب جي جاچ آفيسر کي سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.واضح رهي ته بشريٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڳ ئي بنيادي ريفرنس سان ڳنڍيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو