190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ خان کي سزا ضرور ملندي: واوڊا

190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ خان کي سزا ضرور ملندي: واوڊا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ جي منظوري وقت عمران خان کي منع ڪيو ته انهي تي ڪيس ٿيندو ۽ جيل جي سزا به ملندي. پهريان ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هن ڪيس ۾ سزا ملندي.ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڍائي سالن کان ٻڌائي رهيو آهيان ته عمران خان جي پارٽي ۾ سندس ويجها مائٽ کيس جيل ۾ قتل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، هاڻ سوشل ميڊيا ذريعي اهي ڳالهيون ٻاهر اچي چڪيون آهن. جيل ۾ جيڪڏهن اهڙو ڪجهه به ٿيو ته ان جا اثر 50 سالن تائين رهندا.هن چيو ته ڪيسز ۾ دير تي پروپيگنڊا ڪئي وئي. 190 ملين پائونڊ جي منظوري وقت عمران خان کي منع ڪيو هو ته انهي تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جيل جي سزا به ملندي هر ڏوهه جي سزا هوندي آهي، ڪير به نه مڃيندو ته ٻين فائدو کنيو سزا اوهان کي ڀوڳڻي پوندي. فيصل واوڊا چيو ته انهي سڄي ڊرامي جي ايندڙ ڏينهن ۾ هوا نڪري ويندي مون پهريان ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته انهي ڪيس تي سزا ملندي، عمران خان کي پنهنجن ماڻهن مان خطرو آهي، مشهور ٿيڻ جو مطلب ناهي ته پاڻ کي آسماني مخلوق سمجهو.هن چيو ته اوهان جي ڌرڻن، احتجاج 9 مئي تي رياست ۽ رياستي ادارن کي نقصان پهچايو. چيو هو ته هنن جي ڳالهين ۾ نه اچو هي اوهان کي جيل ۾ رکڻ چاهين ٿا، جيڪي ماڻهو هن وقت اقتدار ۾ آهن اهي عمران خان جي ٻاهر اچڻ تي نظر نه ايندا.عمران خان صاحب ٽرمپ جو انتظار ۽ ٽرمپ ڪارڊ کيڏڻ ڇڏي ڏي، 20 جنوري کان اڳ تحريڪ انصاف لاءِ سرپرائيز ايندو، سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته بيڪ ڊور ڊپلوميسي تحت ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان خطي ۾ خاص ڪردار ادا ڪندو، پي ٽي آءِ جي ڪنهن فورم تي بيڪ ڊور ڳالهيون نه پيون ٿين، جيڪڏهن بيڪ ڊور ڳالهيون ٿين ها ته هي خيرات جو ٽوڪرو کڻي ڇو بيهن ها، ٽرمپ جو انتظار ڇڏي ڏيو، انٽرنيشنل هوا عمران خان جي نه پر پاڪستان جي حق ۾ هلي رهي آهي، ڪوئي ٻاهريون دٻاءُ ناهي، هاڻي گهڻو ڪجهه باقي آهي، اڃان هاڻي ڪهاڻي شروع ٿي آهي، جيڪهن ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته نيڪ نيت سان اڳيان وڌو، اسان تي رحم ڪيو، خان صاحب جا ساٿي ان تي رحم ڪن، ڳالهين جو سڀ کان وڏو حامي آهيان، ڳالهيون مخلص ٿيڻ گهرجن،ليڊر کي مارايو جيل ۾ رکو، هي خلوص ناهي، ڪائي پارٽي جوائن نه پيو ڪيان، نه عمران خان کان ڪجهه چاهيان ٿو ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ ۾سياسي معاشي استحڪام نظر ايندو، فيصل واوڊا چيو ته پهريان بدمعاشي ۽ گنڊاگردي جي سياست ڪئي، سڀ خيرات جو ڪستو کڻي بيٺا آهن نه ڪي ڳالهيون ٿي رهيو آهن، نه ڪوئي اندروني بيروني پريشر آهي، جرم جي سزا ٿيڻي آهي ۽ ٿيندي، هي جرم ان کان ڪرايو ويو، هن چيوته اسان جي پوليس ايف سي خون جي قرباني ڏني، پاڪستان خطي ۾ نمايا ٿي رهيو آهي، اسان جي جوانن جي قرباني جو رنگ اسان جي جهنڊي ۾ نمايا ٿيڻو آهي، اسان کي ڪو سپهه سالار مليو، جنهن تي بين القوامي برادري اعتماد ڪري ٿي، بيڪ ڊور ڊپلوميسي تحت ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستاني خطي ۾ ناميا ڪردار ادا ڪندو، پهريان اسان کي ڊومور چيو ويو، سپهه سالار ان مقام کي پاڪستان کي آندو ته پاڪستان لاءِ ڇا آهي، فوج جي قرباني قوم کي نظر ايندي، 4 سالن تائين جنهن ويڙهه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، فيصل واوڊا چيوته ڳالهين ۾ باهه کي ڦهلجڻ کان روڪيو وڃي، نيڪ نيتي سان اڳتي وڌو، اسان تي رحم ڪيو، خان صاحب جا ساٿي ان تي رحم ڪن، مون کي خان صاحب جي سلامتي تي خدشا آهن، سومر کان اڳتي پاڪستان جي حوالي سان کوڙ ساريون تبديليون نظر اينديون، اڊيالا جيل جي ٻاهران صورتحال ڏسي افسوس ٿيو، بندوق لٺ کانپوءِ هاڻي ڪستو کڻي در در پني رهيا آهن، خان صاحب جي ڪلهي تي رکي بندوق هلائي وئي، هي بندوق پاڻ خان صاحب هلائي،هن چيو ته ايم اين اي ٿيس جڏهن وفاقي وزير ٿيس تڏهن به سوال ڪيو ويو ڪيئن منتخب ٿيس سپريم ڪورٽ ۾ بيهي سينيٽر شپ واپس ڪئي، انهن بي شرم ماڻهن مان ناهيان جيڪي هن پارٽي ۾ رهي سازشون ڪري رهيا آهن، هن چيوته ٻي ڪابه پارٽي جوائن نه ڪري رهيو آهيان نه عمران خان کان ڪجهه گهران ٿو، عمران خان کي پاڻي جو گلاس گهرجي ته اڌ رات جو به ويندس.

پهنجو تبصرو موڪليو