ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پاپ گلوڪاره 32 سالا ليڊي گاگا اعتراف ڪيو آهي ته 19 سالن جي عمر ۾ ڪيترائي ڀيرا ريپ جو نشانو بڻجڻ ڪري هو ذهني ۽ پريشانين جو شڪار رهي. اهو پهريون موقعو آهي جو ليڊي گاگا بغير ڪنهن ذهني دٻاءُ جي سرعام ڳالهه ڪئي ۽ اعتراف ڪيو آهي ته پاڻ سان ٿيندڙ نامناسب واقعن جي ڪري ئي هو ذهني مسئلن جو شڪار ٿي. ليڊي گاگا پهريون ڀيرو نومبر 2018 ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ان کي ڪيريئر جي آغاز ۾ 19 سالن جي عمر ۾ ريپ جو نشانو بڻايو ويو هو. ليڊي گاگا 2018 ۾ ٻڌايو هو ته ريب جي معاملي تي ان کي پهريون ئي ڳالهائڻ گهرجي ها پر افسوس هو ايئن نه ڪري سگهي. هاڻي ان حوالي سان وڌيڪ ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا ريپ جو نشانو بڻايو ويو. ليڊي گاگا پنهنجي نوجواني بابت روئيندي ٻڌايو ته 19 سالن جي عمر ۾ هڪ ڀيرو نه پر بار بار ريپ جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب هو ذهني دٻاءُ ۽ پريشاني جو شڪار رهي. پاپ گلوڪاره مطابق بار بار ريپ ٿيڻ ڪري ان جي ذهن تي منفي ۽ خراب اثر پيا پر هن چيو ته منهنجي خوشقسمتي اها آهي جو مان جلد معروف گلوڪاره بڻجي ويس ۽ آمريڪا مان نڪري دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جو دورو به ڪيو جنهن سان منهنجي ذهني الجهن گهٽ ٿيو. پاپ گلوڪاره انٽرويو دوران ٻڌايو ته جڏهن ان سان نامناسب واقعو پيش آيو ۽ ذهني مسئلن جو شڪار رهي ته ان وقت ان جي ڳاله ڪير به سمجهڻ يا ان جي مدد ڪرڻ لاءِ موجود نه هيو ايتري قدر هو ڊاڪٽر به ان جو مسئلو سمجهي نه سگهيا. گلوڪاره انٽرويو دوران ان عزم جو به واعدو ڪيو ته هو نه صرف هراساني جو شڪار عورتن پر ذهني مسئلن ۽ دٻاءُ جو شڪار رهندڙ عورتن جي به مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ هو ڪڏهن به انهن جو ساٿ نه ڇڏيندي. اداڪاره جو چوڻ هو ته جڏهن هو ذهني صحت جو شڪار ٿي ته اڪيلي هئي پر اڄڪلهه جون ذهني مسئلن جي ور چڙهيل عورتون اڪيليون ناهن مان انهن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.










