ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه وڌڻ سبب پاڪستان ۾ به 16 جنوري کان تيل اسمن جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 کان 6 روپيا في ليٽر، گاسليٽ ۽ ڊيزل جي قميتن ۾ترتيبوار 3 ۽ 2 روپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، گزريل 15 ڏينهن دوران پرڏيهي مارڪيٽ ۾ ايڇ ايس ڊي ۽ پيٽرول جي سراسري قيمتن ۾ معمولي اضاو ٿيو، جڏهن ته گاسليٽ جي ايڪس رفائنري قيمت ۾به اضافو ٿيو.










