14گهرن کي باهه لڳڻ سبب اله تله سڙي رک متاثر کلي آسمان هيٺ

14گهرن کي باهه لڳڻ سبب اله تله سڙي رک متاثر کلي آسمان هيٺ

ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند) ٽنڊو غلام حيدر ٻٻري اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ ميرمحمد لاشاري جي 14 گهرن کي اچانڪ باه وڪوڙي ويئي اله تله سڙي رک متاثر کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل سرندي وارن کان واهر جي اپيل جڏهن ته ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ ميرمحمد لاشاري ۾ اچانڪ باه لڳڻ ڪري 14 گهر سڙي راک جو ڍير بڻجي ويا گهرن ۾ پيل سمورو سامان کٽون؛ هنڌ؛ بسترا؛ اناج؛ نياڻين جو رکيل ڏاج به سڙي رک ٿي ويو باه لڳڻ جو اطلاع ٽنڊو غلام حيدر ۽ تلهار فائر برگيڊيئر کي ڏنو ويو جنهن واقعي واري هنڌ پهچي باه وسائڻ وارو عمل شروع ڪيو پر باه تي مڪمل ضابطو نه آيو متاثر گهر ڀاتي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل متاثرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اچانڪ باه لڳڻ ڪري وڏو صدمو ۽ ڏک پهتو آهي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو هنن اعلي اختيارين ۽ ٻين وس وارن کان مطالبي جي گهر ڪندي چيو ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو