جوهي( رپورٽ منصور گاڏهي )جوهي ڪاڇي جي ڳوٺ راضي خان رودناڻي جو پرائمري اسڪول گذريل 12 سالن کان بند پيل اسڪول بند هجڻ ڪري ٻارڙن جو مستقبل داع تي لڳل ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري تعليم کپي تالا نه کپن نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ بُلو رودناڻي، اسماعيل رودناڻي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ راضي خان رودناڻي گذريل 12 سالن کان بند پيل آهي ٻارڙن جو مستقبل داع تي لڳل آهي پر تعليم کاتي کي اسان جي ٻارڙن تي رحم نٿو اچي هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي وقت سر مرمت نه ٿيڻ ڪري اسڪول ڀوت بنگلي ۾ تبديل ٿي ويو آهي اسان ڪيترا ئي ڀيرا تعلقي آفيسر جوهي کي شڪايتون پڻ ڪيون پر ڪو به داد رسي ڪرڻ وارو ناهي ٻارڙا اسڪول بجاء سڄو ڏينهن مال چارڻ ۾ مصروف هوندا آهن هنن وڌيڪ ڳالهيندي چيو آهي ته اسان کي مستقبل ۾ آفيسر, انجنئير, پوليس, وڪيل ٿا گهرجن نه وري ٻڪرار يا ڌنار ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي وزير, سنڌ جي وڏي وزير ۽ تڪ جي چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته جلد کان جلد گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ راضي خان رودناڻي کي کولرائي تدريسي عمل جو آغاز ڪيو وڃي جيئن ٻارڙن جو مستقبل وڌيڪ تباھ ٿيڻ کان بچي










