11 ڏينهن اڳ گم ٿيل 7 سالن جي ٻارڙي جو لاش ملي ويو

11 ڏينهن اڳ گم ٿيل 7 سالن جي ٻارڙي جو لاش ملي ويو

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي نارٿ ڪراچي واري علائقي مان 11 ڏينهن اڳ گم ٿيل 7 سالن جي ٻارڙي صارم جو لاش مليو آهي.ايس ايس پي سينٽرل موجب، ٻار جو لاش عمارت جي زير زمين ٽينڪ مان مليو. ٻارڙي جو لاش ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي، واقعو حادثاتي طور پيش آيو آهي.هڪ 7 سالن جي ٻار صارم کي بلال ڪالوني پوليس اسٽيشن جي حد ۾ نارٿ ڪراچي جي سيڪٽر پنج مان مبينا طور تي اغوا ڪيو ويو هو.صارم جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن موجب صارم 7 جنوري جي منجهند تي فليٽ ۾ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويو ۽ غائب ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو