اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڇاپن دوران 1.6 ملين رپين جا نان ڊيوٽي ادا ڪندڙ جعلي سگريٽ هٿ ڪري ورتا.ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اسپيشل ٽيمن مختلف شهرن ۾ 429 ڇاپا هنيا آهن. ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ بغير ڊيوٽي جي جعلي سگريٽ هٿ ڪئي وئي آهي.پڌرائي موجب 1 ڪروڙ 60 لک نان ڊيوٽي ادا ڪندڙ جعلي سگريٽ هٿ ڪيا ويا آهن. ايندڙ مرحلي ۾ ان غير قانوني ڪم ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا.
