ڳوٺاڻن جو قبضا مافيا بااثر شخص خلاف احتجاج

ڳوٺاڻن جو قبضا مافيا بااثر شخص خلاف احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر(رپورٽ ميرحسن رند) ٽنڊو غلام حيدر يونين ڪائونسل حاجي صوڀو خان چانڊيو جي ڳوٺ محمد صديق رند جي سوين مقامي رهواسين جو پنهنجي ذاتي سروي زمين تي قبضا مافيا بااثر شخص ابراهيم لانگاه خلاف احتجاجي مظاهرو جڏهن تہ مظاهرين عبدالخالق رند؛ ميرمحمد رند؛ گل محمد رند؛ رضا محمد رند؛ اعجاز علي رند؛ نيڪ محمد رند؛ عثمان علي رند؛ نوراحمد رند؛ نورحسن عرف ماستر بابو رند؛ غلام رسول رند؛ ۽ ٻين سوين ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سروي زمين جيڪا ديه سورجاڻي تعلقه بلڙي شاه ڪريم ۽ تعلقه ٽنڊو غلام حيدر جي وچ بارڊر تي آباد آهي جيڪا زرعي زمين اسان جي ذاتي کاتي ورتل آهي ۽ اها زمين گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان آباد ڪندا رهيا آهيون پر هينئر ڪجه ڏينهن کان هڪ بااثر زميندار  ابراهيم لانگاه پاڻ سان گڏ سوين لوفر قسم جا ماڻهو ۽ ڪرين مشينون  آڻي اسان جي زمين مان مٽي کڻائي ۽ واٽر به لٽرائي ڇڏيا آهن جيڪا سراسر اسان سان زيادتي آهي اسان کي ڪنهن مهل به جاني نقصان جو وڏو خدشو درپيش اچي سگهي ٿو جنهن جو ذميوار بااثر زميندار ابراهيم لانگهاه ۽ ان جا ساٿي مددگار هوندا ان لاء اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان؛ سيشن ڪورٽ آئي جي سنڌ؛ ڊي آئي جي حيدرآباد؛ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان؛ توڙي ٻين وس وارن اعلي اختيارين کان پرزور  مطالبي جي گهر ڪريون ٿا ته مذڪوره بااثر شخص ابراهيم لانگهاه خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪري گڏوگڏ سرڪاري زميني ماپ ڪرائي اسان کي پنهنجو حق موٽائي ڏنو وڃي ۽ اسان سان فوري طور انصاف ڪري  تحفظ فراهم ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو