اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال عوام کي يقين ڏياريو آهي ته گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي، پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيندو.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته حڪومت پاڪستاني بئنڪن ۾ موجود ماڻهن جي پرڏيهي مٽا سٽا تي هٿ نه وجهندي.هن چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اهڙو بيان پهريون ڀيرو ناهي ڏنو، ان ۾ ڪا به اعتراض واري ڳالهه ناهي.تازو ئي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 4 ارب نه پر 10 ارب ڊالر آهن، ڪمرشل بئنڪن وٽ 6 ارب ڊالر به پاڪستان جا آهن.










