گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي جي بي سيڪشن پوليس هاءِ ٽرانسميشن لائين مان بجلي جون تارون ڪٽي چوري ڪندڙ ٽولي کي پڪڙي ورتو. ڳوٺ صوبدار لنجار ڀرسان پوليس ڪاروائي ڪري وڏي تعداد ۾ ڪٽيل بجلي تارون ۽ ڪٽر هٿ ڪري 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ راحب ميراڻي، خان ڪلهوڙو، خالد ٽانوري، فريد ملڪ، نظام بلو ۽ جان محمد ميراڻي شامل آهن، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










