گهريلو تشدد بل جي منظوري کان پوءِ زال هٿان مڙس قتل

گهريلو تشدد بل جي منظوري کان پوءِ زال هٿان مڙس قتل

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) گهريلو تشدد بل جي منظوري کان پوءِ زال جي هٿان مڙس جي قتل جو ڪيس سامهون اچي ويو آهي.پوليس موجب راولپنڊي جي علائقي ٽيڪسلا ۾ مڙس کي گولي هڻي قتل ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت لاريب 2 ڏينهن اڳ گهريلو نااتفاقي سبب 12 بور رائفل سان فائرنگ ڪري پنهنجي 28 ورهين جي مڙس جواد حسين کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. واضح رهي ته افسوسناڪ واقعو گهريلو تشدد بابت قانون جي منظوري جي ڪجهه ڏينهن بعد پيش آيو.پوليس موجب مقتول جواد حسين جي ڏيڍ سال اڳ شادي ٿي هئي، ڪيس جي مدعي شبير حسين بيان ڏنو آهي ته جوابدار عورت جو پنهنجي مڙس سان روزاني جهيڙو ٿيندو رهندو هو ۽ انهي عورت مڙس سان گڏ رهڻ نٿي چاهيو.پوليس موجب مڙس کي قتل ڪرڻ کان پوءِ عورت فرار ٿي وئي هئي، پر ٽيڪسلا پوليس ٽيڪنيڪل ۽ هيومن انٽيليجنس ذريعن کي ڪتب آڻيندي انهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل عورت کي پڪين شاهدين سان گڏ عدالت ۾ چالان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو