گنگولي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي فيورٽ ٽيمن جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دلي(م ڊ) ڀارتي ڪرڪٽ جي سابق ڪپتان سرو گنگولي چيو آهي ته پاڪستان ورلڊ ڪپ جي فيورٽ تيمن م شامل آهي ۽ ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان انگلينڊ ۾ سدائين بهترين ڪارڪدگر ڏيکاري آهي. هاڻي به انگلينڊ خلاف ٻئي ون ڊي ۾ پوڻا چار سو رنز جي ٽارگٽ کان صرف 12 رنس پوئتي هو، اهو تمام وڏو اسڪور هو. هن ماضي ياد ڪرائيندي چيو ته پاڪستان 2017 ۾ چيمپئنز ٽرافي کٽي هئي ۽ 2009 م ورلڊ ٽي ٽوئنٽي کٽي هئي. ڀارت ليگ ميچن ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني پر فائنل هارائي ويو. هن چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ هندوستان جو ميچ 16 جون تي مانچسٽر ۾ ثيندي ۽ اميد آهي ته ڀارت کٽي ويندي ڇو ته ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جو پاڪستان تي پلڙو ڀاري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو