پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ٻن اڳوڻن وزيرن ڪامران بنگش ۽ تيمور جهڳڙا کي ڪابينا ۾ شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب، علي امين گنڊاپور باني پي ٽي آءِ کي قائل ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وزيرن ڪامران بنگش ۽ تيمور جهڳڙا کي ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو وڃي.اڳوڻي ناڻي واري وزير ڪي پي تيمور سليم جهڳڙا ڳالهائيندي چيو ته هي اندروني معاملو آهي، ڪو به ان تي تبصرو نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن مان ڪجهه چوندس ته ان سان پي ٽي آءِ جي باني جي مقصدن کي نقصان پهچندو.تيمور جهڳڙا وڌيڪ چيو ته مان ساٿين جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ تي يقين نٿو رکان، پي ٽي آءِ جي باني مون کي پهرين پي ٽي آءِ حڪومت ۾ 2 وڏيون وزارتون ڏنيون ۽ هاڻي به هن مون کي فون ڪيو پر مون کي ملڻ نه ڏنو ويو.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف ان حوالي سان چيو ته هي پارٽي جو اندروني معاملو آهي ۽ اندروني معاملي بابت ميڊيا کي ڪجهه به چوڻ ضروري ناهي.ذريعن موجب ڪجهه وقت اڳ پي ٽي آءِ جي باني علي امين کي ڪامران بنگش ۽ تيمور جهڳڙا کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي ۽ پارٽي جي سينئر اڳواڻن ان حوالي سان عمران خان جو پيغام ڪي پي جي وڏي وزير تائين پهچايو هو.










