ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀارت جي طرفان اماڻيل ڊرون سبب سنڌ ۾ به شهادت ٿي ، جڏهن ته پهلگام حملي کان ترت پوءِ ڀارت بنا جاچ ۽ ثبوتن جي پاڪستان تي الزام مڙهيو.سندھ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڀارت پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳائي هڪ طرفو فيصلو ڪندي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو.سندس چوڻ هو ته ”گجرات جي ڪاسائي“بهانو ڪري سنڌ طاس معاهدي کي وچ ۾ آندو، جڏهن ته اهو معاهدو ڪنهن هڪ ڌر طرفان ختم نه ٿو ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان جي عبادتگاهن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.وڏي وزير چيو ته پاڪستان ڪڏهن به اڳرائي ناهي ڪئي، هر ڀيري جارحيت ڀارت طرفان ٿي آهي، جنهن ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو. پاڪستان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي دشمن کي خاموش ڪيو.هن چيو ته قوم هر وقت پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، پاڪستان دشمن جا 3 رافيل ڪِيرايا جن بابت چيو پئي ويو ته اِهو ڪير به نه ٿو ڪيرائي سگهي، پاڪستان ٽن ڪلاڪن اندر دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.پنهنجي تقرير دوران هن انڪشاف ڪيو ته پاڪستان طرفان شروع ڪيل ” آپريشن بنيان مرصوص“ کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ روبيو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي فون ڪري چيو ته ڀارت جنگبندي چاهي ٿو.مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجو دفاع ڪيو آهي.وڏي وزير وڌيڪ چيوته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته” گاهه کائينداسين پر ائٽم بم ٺاهينداسين“ ، شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني.ان کان اڳ ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي طرفان ڏنل دفاعي جواب ۽ ان جي سلسلي ۾ ملهايل قومي سطح جي “يومِ تشڪر” جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل جھنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي منعقد ٿيل “معرڪاءِ حق” ريلي ۾ وڏي وزير قومي جذبي کي ساراهيندي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا موجب جھنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب نيو سيڪريٽريٽ جي آڱڻ ۾ ٿي، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري، ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران قومي ترانو وڄايو ويو ۽ “پاڪستان زنده باد” ۽ “ڪشمير بڻجندو پاڪستان” جا فلڪ شگاف نعرا لڳايا ويا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس خطاب ۾ چيو ته ڌرتي امڙ جو دفاع هر پاڪستاني جو پهريون فرض آهي. اسان جي بهادر جوانن ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ سڄي قوم کي پنهنجي سپوتن تي فخر آهي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. قوم جو جذبو حب الوطنيءَ جو مثال آهي. وطن جي عزت تي ڪڏهن به ڪو سودو نه ڪنداسين. سڄي قوم دشمن خلاف پڪي ڀت وانگر بيٺل آهي ۽ عوام سدائين پنهنجي فوج سان ڪلهي سان ڪلهو ملي بيٺل آھي. سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو ته سنڌ جا نوجوان قومي دفاع جي پهرين قطار ۾ شامل آهن. اسان دشمن جي سازشن کان باخبر آهيون ۽ اسان جي سڄي قوم متحد آهي. سنڌ حڪومت هر محاذ تي وطن جي محافظن سان گڏ بيٺل آهي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اعلان موجب اڄ سڄي ملڪ ۾ “يومِ تشڪر” ملهايو پيو وڃي، ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جھنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب پڻ ان ئي سلسلي جو حصو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته هو ملير ڪينٽ ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏئي کين خراجِ عقيدت پيش ڪندو ۽ منجهند 3 وڳي سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جنهن جو ايجنڊو ڀارتي جارحيت خلاف تاريخي فتح ۽ قومي اتحاد تي مبني هوندو، سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڀارتي حملي ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي ست سپوت شهيد ٿيا، جن مان ڇهه پاڪ فضائيه جا جوان بولاڙي ۾ ۽ هڪ شهري مختيار لغاري گھوٽڪي ۾ شهيد ٿيو. وڏي وزير اعلان ڪيو ته شهيدن جي وارثن کي هڪ، هڪ ڪروڙ رپيا ۽ زخمين کي ڏهه، ڏهه لک رپيا ڏنا ويندا. هن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جو صوبائي بجيٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي رهنمائي هيٺ تيار ڪيو پيو وڃي. وفاق سان به اجلاس هلي رهيا آهن ته جيئن آءِ ايم ايف جي شرطن باوجود عوام لاءِ بهتر بجيٽ پيش ڪري سگهجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ صاف پاڻي، نيڪالي، سولر انرجي، تعليم، صحت ۽ ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي کي ترجيح ڏني پئي وڃي. وڏي وزير وفاق سان ناانصافين جو ذڪر ڪندي چيو ته 2013ع کان وٺي سنڌ سان مسلسل زيادتيون ٿي رهيون آهن. سکر-حيدرآباد موٽر وي جهڙين رٿائن کي عوام مفاد ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته سکر-حيدرآباد موٽر وي رٿا ٽن سالن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اين ايف سي ايوارڊ بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وفاق هڪ سال بعد سنڌ کان نالو گهريو، اسان 24 ڪلاڪن اندر پنهنجو نالو ڏئي ڇڏيو، پر باقي صوبن جي سنجيدگيءَ بابت ڪجهه چوڻ مشڪل آهي.










