شڪارپور (ن س )رستم ويجهو پوليس ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪري ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ صحافين کي ٻڌايو ته مير غالب ڊومڪي تي حملي واري واقعي ۾ جتوئي گينگ ملوث آھي، جنهن ۾ سرگرم ڏوهاري نادر ميراڻي مارجي ويو آهي.هن ٻڌايو ته جتوئي گينگ جي مک ڏوهارين عبدالحق بڊاڻي، ياسين، علي مراد بڊاڻي ۽ شھزادي ڪمالاڻي جتوئي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي، هلندڙ آپريشن دوران ٽن ڏوهارين سڪندر، رند بڊاڻي ۽ شبير بڊاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته آپريشن دوران جتوئي گينگ جي بڊاڻي، ڪمالاڻي ۽ سعد خاناڻي ڏوهارين جا 15 گهر به ڊاهيا ويا آھن.










