پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه حڪومت افغانستان جي دوري لاءِ ٽي او آر تيار ڪيا آهن.خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف افغان عبوري حڪومت سان ڳالهين لاءِ هڪ وفد افغانستان موڪلڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته افغانستان جي دوري لاءِ ٽي او آر تيار ڪيا ويا آهن.ٽي او آرز موجب، ٻه وفد افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ افغانستان ويندا. پهريون وفد ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪندو ۽ سفارتي معاملن کي سنڀاليندو، جڏهن ته ٻيو وفد ڪيترن ئي اسٽيڪ هولڊرز تي مشتمل هوندو.اطلاعات صلاحڪار ڪي پي بئريسٽر سيف کي ڪوآرڊينيشن لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخوا حڪومت ڳالهين لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطي ۾ رهندي.ٽي او آرز موجب، وفد موڪلڻ جو مقصد سرحد پار قبائلي سفارتڪاري کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ معاشي ۽ سماجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ آهي.










