ڪينسر جي انڪشاف بعد پاڪستان ۾ دوا تي پابندي

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) معدي جي بيمارين لاءِ دوا طور استعمال ڪئي ويندڙ رينٽڊين دوا ۾ ڪينسر جو سبب بڻجندڙ جُزا موجود هجڻ جي انڪشاف بعد پاڪستان ۾ ”زينٽيڪ“ جي استعمال تي پابندي هنئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي اداري ايف ڊي اي جو چوڻ آهي ته Ranitidine نالي دوا ۾ امڪاني طور تي ڪينسر جو سبب بڻجندڙ ڪيميڪل موجود ڏٺا ويا آهن. ان سلسلي ۾ زين ٽيڪ ۽ ٻين ساڳي نوعيت جي دوائن ۾ خطرانڪ جزن جي موجودگيءَ بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. عالمي سطح تي اهڙي ڳالهه سامهون اچڻ بعد پاڪستان جي اداري ”ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان“ انهيءَ دوا جي استعمال ۽ وڪري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو