ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم شهباز شريف جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۽ ڳالهين ذريعي ڪينال جي مسئلي کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. رانا ثناءُ الله چيو ته هو ڪينالن جي معاملي تي سنڌ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي تحفظات کي دور ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هر فورم تي ڪينالن جي معاملي تي پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي تڪراري ڪينالن بابت سخت خدشا آهن.صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي 1991ع جي معاهدي تحت سنڌ جي ماڻهن لاءِ پاڻي جي منصفانه ورڇ چاهي ٿي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڪينالن جي معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ به تيار آهي.










