ڪينال سمورا نامنظور، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو ڌرڻو

ڪينال سمورا نامنظور، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو ڌرڻو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌو درياء مان چهن نون ڪينالن جي منصوبي خلاف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ايمپريس مارڪيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي.احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته پيپلز پارٽي مسلسل غلط بياني ۽ ڪوڙ جي بنياد تي سنڌ جي عوام کي گمراھ ڪري رهي آهي.ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام ڪينالن جي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي.جن ماڻهن سنڌ جي مفادن جو سودو ڪيو آهي، اهي هاڻ سنڌ ۾ لعنت جو نشان بڻجي ويا آهن.ڪراچي جي 85 سيڪڙو آبادي جو پاڻي درياءِ سنڌ تي دارومدار رکي ٿو.جيڪڏهن ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي تائين پاڻي نه پهتو، ت ڪراچي جو عوام پاڻي جي ڍڪ لاء سڪندو،عالمي ادارا بچئي رهيا آهن ته سنڌ جو پاڻي خشڪ ٿي ويندو.اردو ڀائر ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ڀائرن سان گڏجي سنڌو درياء کي بچائڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪن.”ڪينال ن کپن جا نعرا ھاڻي ب هاڻ ڪراچي مان ب گونجڻ گهرجن پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ رڳو قيدي نمبر 804 ن، پر سڄو ملڪ قيد ۾ آهي.زرداري پنهنجي اقتدار لاءِ درياء سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي.26هين آئيني ترميم جي ڪري عدليا به متنازع بڻجي وئي آهي.سنڌ جي جاڳرتا، هاڻ ڪينالن خلاف بغاوت جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد منير حيدر شاهه چيو ت ملڪ ناانصافي سان نٿو هلي سگهي.صدر زرداري پنهنجي پٽ لاءِ وزيراعظم جي ڪرسي حاصل ڪرڻ خاطر درياء سنڌ جو سودو ڪيو آهي.پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علي پلھ چيو ت سنڌ جي عوام زرداري ليگ ۽ ن ليگ خلاف واضح فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش جاري آهي، پر اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪينال نه ٺهڻ ڏينداسين.فنڪشنل ليگ ڪراچي زون جي بئريسٽر ارشد شر بلوچ چيو ت سنڌ جي حيات تي حملو ڪيو پيو وڃي.ڪينالن جي منظوري پاڻ زرداري ڏني آهي، هاڻ پ پ مگرمڇ جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ت درياء سنڌ تي ڪينالن جي خلاف اسان قرارداد منظور ڪئي آهي.هي منصوبو مڪمل طور تي غير قانوني آهي، جيڪڏهن واپس نه ورتو ويو ته ملڪ جي استحڪام لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ تائين وڪيل برادري جو احتجاج سنڌ ڀر جاري رهندو.آخر م اڳواڻن زور ڀريو ته سنڌ جو پاڻي، سنڌ جي عوام جو حق آهي، ۽ ڪينالن جي نالي تي ان سان ناانصافي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو