ڪينال اڏڻ خلاف احتجاج جاري، پ پ جا احتجاج ڊرامي بازي قرار

ڪينال اڏڻ خلاف احتجاج جاري، پ پ جا احتجاج ڊرامي بازي قرار

نواب ولي محمد (ن س)سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاھڻ خلاف نواب ولي محمد ۾ ايس يو پي جي لڳل دستخطي ڪئمپ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر درياءَ بچايو تحريڪ جو ڪنوينر سيد زين شاھ پهتو جتي سيد زين شاھ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته صدر زرداري 8 جولائي 2024 تي آئين جون حدون اورانگهيندي خود ڪئنالن واري منصوبي تي دستخط ڪري ڪئنال ڪڍڻ جي اپروول ڏني آهي هاڻي پ پ سنڌ ۾ احتجاج ڪري ڊراما ڪري ڪئنالن واري منصوبي تي ماڻهن کي گهمراهه ڪري رهي آهي پ پ وارن کي احتجاج جي ڪهڙي ضرورت؟ جهڙي ريت ڪئنالن واري رٿا جي اپروول صدر زرداري ڏني آهي اهڙي ريت رد ڪري منصوبي کي هن چيو ته سنڌو ندي اسان جي نسلن جو جياپو آهي ۽ سنڌ جو ڪو به غيرت مند ماڻهو پنهنجي ندي کي سڪڻ نه ڏيندو درياءَ واري تحريڪ تي سياست ناهي ووٽر ڀلي ڪهڙي به پارٽي جا هجو پر درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف گڏجو انشا الله عوامي طاقت سان گڏ تڪراري ڪئنال ۽ سنڌ جي زمينن جو سودو رد ڪرائينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو