ڪينالن تي سوديبازي نه ڪبي، 18 اپريل تي تاريخي جلسو ڪنداسين

ڪينالن تي سوديبازي نه ڪبي، 18 اپريل تي تاريخي جلسو ڪنداسين

راهوڪي(ن س)پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محترمه فريال ٽالپر راول هائوس راهوڪي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام ڇهه ڪئنالن واري منصوبي کي مڪمل طور مسترد ڪري ٿو، هي منصوبو سنڌ جي زمين، فصلن ۽ پاڻيءَ جي حق تي ڌاڙو آهي. هن واضح ڪيو ته 18هين اپريل تي حيدرآباد ۾ تاريخي عوامي اجتماع ٿيندو، جتي سموري سنڌ مان ماڻهو پنهنجي زمين ۽ پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ گڏ ٿيندا. فريال ٽالپر چيو ته اسان شهيدن جا جنازا کنيا آهن ، قربانين ڏنيون آهن ۽هاڻي به اسان آخري دم تائين وڙهنداسين. صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ ۽ عوامي سطح تي هن متنازعه منصوبي جي مخالفت ڪئي آهي، هي مسئلو صرف سنڌ جو نه پر پوري پاڪستان جو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه وفاق جي علامت بڻي چيو ته پيپلز پارٽي چارن صوبن جي زنجير آهي. اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ته سنڌ کي پاڻي نه ملي ۽ ماڻهو اڃارا رهن. جلسي کي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير براءِ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته محترمه فريال ٽالپر جي آمد تي جيالا انهن جا شڪرگزار آهن. هن جو چوڻ هو ته ڪئنال جو مسئلو صرف زراعت جو نه، پر سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام جي جيئڻ مرڻ جو مسئلو آهي هن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي جو واحد ذريعو معاش زراعت آهي، جيڪڏهن پاڻي نه مليو ته عوام فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويندا. شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي متنازعه ڪئنال جي تعمير ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ ڏيندي. هن 18 اپريل جي جلسي کي ريفرينڊم قرار ڏيندي چيو ته عوام پنهنجي عورتن ۽ ٻارن سان ڀرپور شرڪت ڪن ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي پوري قيادت سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪن جلسي کي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کُهڙو خطاب ڪندي چيو ته هڪ ڪئنال تي 7 ڪروڙ عوام کي قربان نه ڪري سگهبو، سنڌ جي وڪيلن، شاگردن ۽ سڀني طبقي جي ماڻهن هن منصوبي خلاف احتجاج تي آهن. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته حيدرآباد جي عوام هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ هن دفعي به 18 اپريل جو جلسو تاريخ لکندو. هن چيو ته صدر زرداري پارليامينٽ ۾ نہ رڳو ڪئنال منصوبي جي مخالفت ڪئي، پر هميشه سنڌ جي حق لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي نوجوان رهنما راول شيرجيل ميمڻ مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته عوام جو پيپلز پارٽي سان صرف ووٽ جو نه، پر پيار جو به رشتو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ عوامي حقن جي جنگ جاري رهندي. جلسي ۾ صوبائي اسيمبلي جي مختلف ميمبرن ٽائون چيئرمين، ضلعي ۽ تعلقا صدرن ۽ ٻين پارٽي عهديدارن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو