ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايڪسائيز کاتي ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ڪوٽڙي سرڪل ڪارروائي دوران هڪ عورت کي گرفتار ڪري 3 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو آهي. ايڪسائيز کاتي ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ڪوٽڙي سرڪل پيٽارول ٽول پلازه وٽ لوڪل بس جي جهڙتي ورتي. جهڙتي دوران بس ۾ سوار هڪ عورت کي گرفتار ڪري 3 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو. گرفتار عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ڪوٽڙي سرڪل جو چوڻ آهي ته گرفتار عورت خيبرپختوا جي رهواسڻ آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










