ڪويت حيدرآباد ۾ ڪورونا جي علاج لاءِ اسپتال قائم ڪندو

ڪويت حيدرآباد ۾ ڪورونا جي علاج لاءِ اسپتال قائم ڪندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪويت جي قونصل جنرل سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري ڪورونا وائر جي علاج لاءِ اسپتال قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا وڏي وزير قبول ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ ان جي سخت ضرورت آهي. ملاقات ۾ وڏي وزير کيس ڪوئلي سان ٺهندڙ بجلي گهرن ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڪويت سان شهيد ءتو جي دور کان بهتر لاڳاپا آهن، ڪويت هوٽل انڊسٽري ۾ سيرپڪاري ڪئي هئي. ٻئي پاسي وڏي وزير ڪراچي پيڪيج هيٺ هلندڙ ميگا پروجيڪٽس تي هلندڙ ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت به ڪئي.

CM Sindh presides a meeting to review development progress, Photo CM House

جنهن ۾ بلديات جي وزير سيد ناصر شاهه کيس ٻڌايو ته اڪثر اسڪيمون مڪمل ٿي ويون آهي ۽ ڪجهه مڪمل ٿيڻ واريون آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته مڪمل ٿيندڙ اسڪيمن کي بجيٽ بڪ مان ڪڍيو وڃي جيئن ان ۾ نيون اسڪيمون شامل ڪري سگهجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو