ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪورنگي نمبر ڏيڍ ۾ اسڪريپ جي گودام ۾ باهه لڳي وئي.فائر برگيڊ عملدارن موجب، ٽي فائر ٽينڊر باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ مصروف آهن.فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته گودام ۾ استعمال ٿيل ڪپڙا، پلاسٽڪ جون شيون ۽ ٻيو سامان موجود آهي.رپورٽن موجب باهه لڳڻ سان ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، جڏهن ته باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.










