ڪورنگي، ڦورن هٿان فجر جي نماز پڙهي گهر واپس ايندڙ نوجوان قتل

ڪورنگي، ڦورن هٿان فجر جي نماز پڙهي گهر واپس ايندڙ نوجوان قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي جنجال پور ٿاڻي تي ڦورن جي فائرنگ ۾ مظفر اقبال نالي نوجوان مارجي ويو. ايس ايس پي ڪورنگي موجب، 17 سالن جو مظفر اقبال فجر جي نماز پڙهي گهر وڃي رهيو هو ته چار ڦورن هڪ گهر ۾ ڏوهه ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي رهيا هئا، جڏهن نوجوان آواز بلند ڪيو ته ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو. ايس ايس پي ڪورنگي چيو ته ڌاڙيل متاثره جي پاڙي ۾ ڏوهه ڪرڻ وارا هئا، پر واقعي کان پوءِ ايس ايڇ او زمان ٽائون ۽ پوسٽ انچارج کي معطل ڪيو ويو.ٻئي طرف، 3 جنوري تي ڪورنگي زمان ٽائون ۾ به ساحل مسيح کي ڌاڙيلن قتل ڪيو هو، جڏهن ته 9 جنوري تي اسٽيل ٽائون گھگھر ڦاٽڪ تي شهري عارف کي ڦرلٽ جي مزاحمت دوران قتل ڪيو ويو هو.پوليس موجب، پهرين جنوري کان ڦرلٽ جي مزاحمت ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 3 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو