ڪنڌڪوٽ ۾ ھٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ،ھڪ ڄڻو قتل،ھڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ ۾ ھٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ،ھڪ ڄڻو قتل،ھڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ لڳ رسالدار ٿاڻي جي حد ڪجلي جي علائقي ۾ ھٿياربندن طرفان ڪار تي فائرنگ نتيجي ۾ علائقي جو معزز شخصيت قتل ۽ ھڪ ڄڻو زخمي. جوابدار فرار. خبر موجب ڪنڌڪوٽ لڳ رسالدار ٿاڻي جي حد ڪجلي ويجھو نامعلوم ھٿياربندن جو ڪار مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب علائقي جو معزز شخصيت ننڍو شيخ قتل ٿي ويو. جڏھن تہ ڪار ۾ سوار ڊاڪٽر مرتضي زخمي ٿي پيو. جڏھن تہ ھٿياربند اھڙي واقعي بعد فرار ٿي ويا. جڏھن تہ واقعي جي اطلاع تي مقتول جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي ڪري قتل ٿي ويل ننڍو شيخ ۽ زخمي کي کڻائي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو. جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو. جڏھن تہ ھٿياربند جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ننڍو شيخ جو وارث لاش کڻائي گھر آندو تہ گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو. جڏھن تہ واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو ھو ۽ نہ وري پوليس جوابدارن گرفتار سگھي …

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو