ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو منصوبي سميت ٻيون منظوريون

ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو منصوبي سميت ٻيون منظوريون

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا توانائي جي موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ صوبي ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ جامع ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو منصوبي سان گڏوگڏ گورننس، معيشت، سماجي تحفظ ۽ تعليم بابت ڪيترن ئي سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل انتظامي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪابينا 23 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪندي مالي نظم و ضبط، ٻارڻ (فيول) جي بچت، تعليمي سڌارن، عورتن جي حقن، زراعت، صحت ۽ اداري جي مضبوطي بابت قدمن جي منظوري ڏني. ڪابينا عوامي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ توانائي جي وسيلن جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو مهم شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد موجوده معاشي دٻاءُ ۽ عالمي تيل جي منڊين ۾ غير يقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سرڪاري کاتن ۽ عوامي ادارن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي، آپريشنل ايڊجسٽمنٽس ۽ ٻارڻ جي بچت بابت قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ڪفايت شعاري منصوبي تحت حڪومت سرڪاري گاڏين لاءِ پيٽرول جي فراهمي ۾ ٻن مهينن لاءِ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي جنهن سان لڳ ڀڳ 960.55 ملين روپين جي بچت جو امڪان آهي پر ايمبولينسن، بسن ۽ هنگامي خدمتن جهڙين آپريشنل گاڏين کي ان پابندي کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه سرڪاري کاتن جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون ايندڙ ٻن مهينن تائين بند رهنديون جڏهن ته کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته آفيسرن جي وچ ۾ ڪار شيئرنگ (گڏيل سواري) کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن پيٽرول جي استعمال ۾ گهٽتائي اچي سگهي. معاشي دٻاءُ دوران عوام سان ٻڌيءَ جي اظهار طور صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن رضاڪاراڻي طور اپريل، مئي ۽ جون جي ٽن مهينن لاءِ پنهنجون پگهارون ۽ الائونسز نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ئي عرصي دوران صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو رضاڪارانه گهٽتائي جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي جنهن لاءِ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪابينا جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويندو. گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جا اهي سينئر سرڪاري آفيسر جيڪي ماهوار ٽن لک روپين کان وڌيڪ پگهار کڻن ٿا انهن کي پڻ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ آفيسرن کانسواءِ رضاڪاراڻي طور تي ٻن ڏينهن جي پگهار ڇڏڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. ڪابينا موجوده مالي سال جي آخري ٽماهي لاءِ غير ضروري حڪومتي خرچن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جي منظوري پڻ ڏني آهي پر بجلي جي بلن ۽ دوائن جي خريداري کي ان مان مستثنيٰ رکيو ويو آهي. هن قدم سان 12 ارب روپين کان وڌيڪ جي بچت جو امڪان آهي. نئين سرڪاري گاڏين ۽ ٻين سرڪاري پائيدار شين جي خريداري تي جون 2026 تائين مڪمل پابندي برقرار رهندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي سامان جي خريداري صرف لاڳاپيل اختيارين جي جاچ پڙتال کانپوءِ ئي ممڪن ٿي سگهندي. حڪومت ناگزير حالتن کانسواءِ سرڪاري پرڏيهي دورن تي پڻ پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سرڪاري دورن تي ويندڙ وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن کي اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪرڻو پوندو. اهڙي طرح سرڪاري عشائن (رات جي ماني) ۽ وڏين رسمي تقريبن تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي پر پرڏيهي وفدن جي اعزاز ۾ آجياڻي واريون تقريبون ان مان مستثنيٰ هونديون. سرڪاري کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سفري ۽ رهائشي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ اجلاسن جو انعقاد ورچوئل يا آن لائن پليٽ فارمز ذريعي ڪيو وڃي. گھران ڪم ۽ مختصر ورڪ ويڪ (ڪم جو هفتو): سفر جي ڪري پيٽرول جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ حڪومت ضروري خدمتن کانسواءِ عملي جي 50 سيڪڙو تائين کي متبادل ڏينهن تي گهر تان ڪم (ورڪ فرام هوم) جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ۽ نجي شعبي جي آفيسن ۾ چار ڏينهن وارو ورڪ ويڪ (ڪم وارو هفتو) پڻ لاڳو ڪيو ويندو جڏهن ته ضرورت موجب ڪم جي ڪلاڪن ۾ تبديلي ڪئي ويندي. پر اهي قدم بينڪنگ شعبي، صنعت ۽ زراعت تي لاڳو نه ٿيندا ۽ اهي شعبا معمول موجب ڪم جاري رکندا. تعليم ۽ عوامي اقدامات: پيٽرول بچايو منصوبي تحت اسڪولن ۾ 16 مارچ کان 31 مارچ تائين بهار جون موڪلون هونديون جڏهن ته ان عرصي دوران ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سو سيڪڙو آن لائن ڪلاسز ورتا ويندا. حڪومت پيٽرول جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ وڌيڪ عوامي قدم پڻ کنيا آهن. روڊن تي رفتار جي حد گهٽ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت موٽرويز تي رفتار 90 کان 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ شاهراهن تي 65 کان 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت شادي جي تقريبن ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ مهمانن جو تعداد 200 تائين محدود ڪيو ويو آهي جڏهن ته ون ڊش قانون تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. پيٽرول جي فراهمي جي سخت نگراني: صوبائي حڪومت پيٽروليم شين جي ذخيرو اندوزي ۽ غير قانوني اسٽاڪ جي روڪٿام لاءِ نگراني واري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي. توانائي کاتو، آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (او جي آر اي) ۽ توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) سان رابطي ۾ آهي ته جيئن سڄي سنڌ ۾ ٻارڻ جي مستحڪم فراهمي ۽ ضابطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو باقاعدگي سان معائنو ڪن، پيٽروليم شين جي غير قانوني ذخيري خلاف سخت نگراني رکن ۽ ذخيرو اندوزن خلاف ڪارروائي ڪن. وڏي وزير چيو ته ڪفايت شعاري مهم جو مقصد مالي نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ، ٻارڻ جي وسيلن جو تحفظ ڪرڻ ۽ موجوده علائقائي توڻي عالمي توانائي جي غير يقيني صورتحال دوران معاشي استحڪام برقرار رکڻ آهي. اسڪولن لاءِ ڊجيٽل نگراني وارو نظام: ڪابينا “اسٽوڊنٽ اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ريڊريس سسٽم” (SAMRS) پاليسي جي به منظوري ڏني جيڪو ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هڪ قدم آهي ۽ ان جو مقصد شاگردن جي غير حاضري ۽ اسڪول ڇڏڻ جي وڌندڙ شرح کي گهٽائڻ آهي. هن پاليسي تحت موبائل ايپليڪيشن ۽ ڊجيٽل ڊيش بورڊ متعارف ڪرايو ويندو جنهن ذريعي سنڌ جي تعليم کاتي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ تعليمي انتظامي ادارن جي نگراني ۾ هلندڙ اسڪولن ۾ داخلائن ۽ روزاني حاضري جي نگراني ڪئي ويندي. هي نظام حاضري تي اثر انداز ٿيندڙ سببن جي نشاندهي پڻ ڪندو ۽ انهن جي حل لاءِ مشاورت ۽ هم عمر شاگردن جي مدد جهڙا قدم متعارف ڪرائيندو. اميد آهي ته هي پروگرام هڪ سال اندر سنڌ جي سمورن اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويندو. انفراسٽرڪچر سيس ۾ ترميمون: ڪاروباري برادري سان مشاورت کانپوءِ ڪابينا ”سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس (سيڪنڊ ترميمي) ايڪٽ 2026“ ۽ نظرثاني ٿيل سيٽلمنٽ ايگريمينٽ (مارچ 2026) جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ترميمن جو مقصد سيس جي اوڳاڙي ۽ استعمال واري نظام کي اثرائتو بڻائڻ آهي جنهن ذريعي صوبي ۾ صنعتي ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ سار سنڀال جي منصوبن جي مالي مدد ڪئي ويندي آهي. ڪڻڪ جاري ڪرڻ سان مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ: ڪڻڪ جي فراهمي ۽ قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ ڪابينا ڪڻڪ جي اجرا واري پاليسي جو دائرو وڌائي فلور ملن ۽ چڪين سان گڏ نجي واپارين تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني. هن پاليسي تحت لائيٽنس يافته واپارين کي حڪومت جي مقرر ڪيل قيمت 8000 رپيا في 100 ڪلوگرام ٻوري جي حساب سان ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي. هن وقت لڳ ڀڳ 300115 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ اجرا لاءِ موجود آهي جنهن مان 30.398 ارب رپين جي وڪري جو امڪان آهي ۽ صوبي جي 109.405 ارب رپين جي ڪڻڪ واري قرض ۾ گهٽتائي ۾ مدد ملندي. صوبائي نمائندگي ۽ بلدياتي سڌارا: ڪابينا اقليتي حقن لاءِ قومي ڪميشن لاءِ سنڌ جي نامزدگين کي حتمي شڪل ڏيندي ڊاڪٽر راڪيش موٽياڻي ۽ مس تشنامائٽي پٽيل کي صوبائي نمائندن طور تجويز ڪيو. بلدياتي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شهيد بينظير آباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ انتظامي سڌارن جي منظوري پڻ ڏني وئي جنهن تحت لوڪل گورنمنٽ ۽ فنانس ڊپارٽمينٽس جي باقاعده نمائندگي شامل ڪئي ويندي ته جيئن احتساب ۽ گورننس کي بهتر بڻائي سگهجي. صحت ۽ نرسنگ تعليم جو دائرو وڌائڻ جي منظوري: ڪابينا ضلعي ملير جي تعلقي ابراهيم حيدري جي ديهه کائونٽو ۾ حسن سليمان ميموريل اسپتال سان لاڳاپيل نرسنگ اسڪول جي قيام لاءِ چار ايڪڙ سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ اسپتال جي زير تعمير عمارت جي رقبي ۾ 250000 چورس فوٽن کان وڌائي 325000 چورس فوٽن تائين واڌ ۽ تعميراتي خرچن ۾ اضافي جي ڪري ڪابينا اسپتال لاءِ 7.6 ملين ڊالر (لڳ ڀڳ 2.14 ارب رپيا) جي مالي مدد جي پڻ منظوري ڏني. قومي شاهراهه N-5 تي واقع هي 312 بسترن تي ٻڌل جديد طبي سهولتن واري اسپتال ڪراچي ۽ ويجهن ضلعن جي رهواسين کي خاص طبي خدمتون فراهم ڪندي. وڏي وزير چيو ته اها فنڊنگ مالي سال 27-2026 کان جاري ڪئي ويندي، بشرطيڪ حسن سليمان فائونڊيشن پاران به برابر جو مالي تعاون فراهم ڪيو وڃي. عورت زرعي ورڪرن کي باضابطه سڃاڻپ: ڪابينا بين الاقوامي محنت واري تنظيم (ILO) جي فني سهڪار سان تيار ڪيل ”سنڌ وومين ايگريڪلچرل ورڪرز رولز 2026“ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن قاعدن تحت زراعت، مال پورهئي (لائيو اسٽاڪ) ۽ ماهيگيري جي شعبن ۾ عورتن جي خدمتن کي باضابطه طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ کين برابر جي اجرت، ويم (زچگي) جون سهولتون ۽ هراسان ڪرڻ توڻي امتيازي سلوڪ خلاف تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ڪابينا عورت زرعي ورڪرن جي رجسٽريشن لاءِ ”بينظير وومن ايگريڪلچرل ورڪر ڪارڊ“ جاري ڪرڻ ۽ عورت زرعي ورڪرن جي مدد لاءِ ”BWSP انڊومينٽ فنڊ“ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني جنهن لاءِ شروعاتي طور تي 500 ملين رپيا رکيا ويندا. خصوصي اقتصادي زونز تي صوبائي اختيار جو تحفظ: ڪابينا ”اسپيشل اڪنامڪ زونز ايڪٽ 2012“ ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي به غور ڪيو جيڪي ”اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل“ (SIFC) پاران پيش ڪيون ويون هيون. سنڌ حڪومت ”ايگزيڪيوٽو زونز“ يا ”ايگزيڪيوٽو اين او سيز“ جي تجويزن جي باضابطه مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اهڙا قدم صوبائي اختيار ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) کي نظرانداز ڪن ٿا، جيڪي پاڪستان جي آئين ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ جوڙيل آئيني ڍانچي جي خلاف آهن تنهن هوندي به ڪابينا سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌائڻ ۽ تڪرارن کي ٽن مهينن اندر حل ڪرڻ لاءِ ”اسپيشل اڪنامڪ زونز اپيليٽ ٽربيونل“ جي قيام جي حمايت ڪئي. اداري جاتي ۽ عدالتي مقرريون: ڪابينا اهم ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيتريون ئي مقرريون ۽ واڌ جي منظوري ڏني، جن ۾ جسٽس (رٽائرڊ) ارشاد علي شاهه کي سنڌ روينيو بورڊ اپيليٽ ٽربيونل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. سنڌ زرعي آمدني ٽيڪس ايڪٽ 2025 جي نفاذ کانپوءِ عبدالرحيم شيخ کي سنڌ روينيو بورڊ ۾ ميمبر (زرعي آمدني ٽيڪس) مقرر ڪيو ويو. علي احمد الله والا کي ”دي انڪلوسيو سٽي“ اقدام جي بورڊ ۾ آزاد ڊائريڪٽر نامزد ڪيو ويو. پروفيسر سيد جمال رضا کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونٽولوجي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور ٻن سالن جي واڌ ڏني وئي جڏهن ته ڊاڪٽر درِ ناز جمال کي سنڌ بلڊ ٽرانسفيوژن اٿارٽي جي سيڪريٽري طور ٻن سالن جي واڌ ڏني وئي. ڪابينا دهشتگردي ٽوڙ عدالتن (ATC) لاءِ پريزائڊنگ آفيسرن جي مقرري جي به منظوري ڏني جنهن تحت ايڊووڪيٽ ارشاد ڌاريجو کي اي ٽي سي ڪشمور (ڪنڌڪوٽ)، ايڊووڪيٽ اعجاز چانڊيو کي اي ٽي سي نوشهرو فيروز ۽ اياز حسين مري کي اي ٽي سي دادو لاءِ مقرر ڪيو ويو. اجلاس جي آخر ۾ وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪفايت شعاري قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ٻارڻ (فيول) جي ذخيرو اندوزي خلاف سخت نگراني برقرار رکي وڃي ۽ ڪابينا جي فيصلن تي اثرائتي عملدرآمد ذريعي صوبي ۾ معاشي استحڪام ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو