ڪشمور؛(ن س) ڪشمور مان ست مهينا اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل راجا ڪمار سميت ڪسٽم جي ٽن اهلڪارن کي سنڌ رينجرز جي مدد سان ڪشمور پوليس پاران ڪامياب آپريشن دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.ڪشمور پوليس پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، انٽيليجنس بنيادن تي گيهلپور، گبلو ۽ حاجي خان شر ٿاڻن جي حدن ۾ گڏيل آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو ويو. بازيابي جي هن ڪارروائي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، تجربيڪار ٽيمون ۽ مؤثر حڪمت عملي استعمال ڪئي وئي.ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ جو چوڻ هو ته آپريشن دوران ڏهه شڪي ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان جاچ جاري آهي. پوليس موجب، مغوي بڻايل چئن ڄڻن ۾ راجا ڪمار پٽ گرداري لال، ڪسٽم انسپيڪٽر راشد علي سومرو، حولدار وزير احمد ميمڻ ۽ بورچي ڪبير احمد چاچڙ شامل آهن.










