ڪشمور (ن س )ڪشمور ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌاڙيلن ڪسٽم چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڪسٽم انسپيڪٽر سميت ٽن ماڻهن کي اغوا ڪري ورتو.پوليس موجب، ياسين ماڇي گينگ ڪسٽم انسپيڪٽر رشيد سومرو، سرڪاري وزير احمد ۽ باورچي رفيق چاچڙ کي اغوا ڪيو هو.ڌاڙيلن پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ اغوا ٿيل اهلڪار حڪومت کي اپيل ڪري رهيو آهي ته ڌاڙيلن جي گرفتار مائٽن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انهن کي قتل ڪيو ويندو.










