ڪراچي ۾ پوليس هڪ ڪلاڪ اندر چوري ٿيل گاڏي هٿ ڪري ورتي

ڪراچي ۾ پوليس هڪ ڪلاڪ اندر چوري ٿيل گاڏي هٿ ڪري ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس هڪ ڪلاڪ اندر چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري ورتي.پوليس موجب نارٿ ناظم آباد تيموريا جي علائقي مان چوري ٿيل گاڏي اورنگي ٽائون مان هٿ ڪئي وئي.ڪار هڪ ڪلاڪ اڳ چوري ٿي هئي، جنهن جي هنڌ ٽريڪر جي مدد سان چيڪ ڪيو پيو وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته منگھوپير کانپوءِ گاڏي اورنگي ٽائون پهتي ته پوليس به پهچي وئي، جوابدار پوليس کي ڏسندي ئي تنگ گهٽين جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.چوري ٿيل ڪار جي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار جوابدارن مون کي روڪيو، جوابدار مون کي ڪار سميت اغوا ڪرڻ چاهيندا هئا.ڊرائيور موجب مون جوابدار کي رقم جو لالچ ڏنو ۽ ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو.ٻئي طرف گاڏي جي مالڪ جو چوڻ آهي ته هو پوليس جا ٿورائتا آهيون جنهن 1 ڪلاڪ ۾ گاڏي واپس ڪرائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو