ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحانن جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو. سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ۾ ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نئين شيڊيول موجب 16 مارچ تي شروع ٿيندڙ امتحان هاڻ 7 اپريل کان شروع ٿيندا، جڏهن ته نائين ڏهين جا پريڪٽيڪل 10 مارچ کان ٿيندا. فرسٽ ايئر ۽ سيڪنڊ ايئر جا امتحان 28 اپريل کان ٿيندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو رمضان المبارڪ سبب ڪيو آهي.










