ڪراچي ۾ مسئلو اختيارن ۽ فنڊز جو ناهي، رڳو نيتن جو آهي

ڪراچي ۾ مسئلو اختيارن ۽ فنڊز جو ناهي، رڳو نيتن جو آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيِٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ مسئلو اختيارن ۽ فنڊن جو نه هو، ڪراچي ۾ مسئلو رڳو نيتن جو رهيو آهي، ميئر فريئر هال ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته گلن جي هي نمائش ايندڙ 3 ڏينهن تائين فريئر هال ۾ جاري رهندي، نمائش ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويا آهن، اسان کي اڍائي مهينا لڳا گلن جي نمائش جي تياري ۾ مختلف رنگن جي ميري گولڊ ۽ پيٽونيا جي ٻوٽن سان فريئر هال سجايو ويو آهي، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيوته ڪراچي جا شهري نمائش ۾ اچن ۽ ان مان لطف وٺن نمائش جو مقصد شهر جون رونقون وڌائڻ آهي، اسان شهر جون رونقون وڌائيندا رهنداسين، هن چيوته تبديل ٿيندڙ، بهتر ٿيندڙ ڪراچي چيئرمين بلاول ڀٽو جو نعرو آهي، ڪراچي جو شهر عقلمندن ۽ دانشمند جو شهر سڏيو ويندو هو، بدقسمتي سان ڪجهه شرپسندن ڪراچي کي ٽي ٽي، ٻوري بند خوف ۽ ڊرپ جي شهر ۾ تبديل ڪيو، ڪراچي جي ميئر جو اهو به چوڻ هو ته ڪراچي پاڪستان جو اهو اڪيلو شهر آهي، جيڪو هر رنگ ۽ نسل مذهب ۽ لسانيت کان مٿاهون ٿي سڀني کي ڀليڪار چوي ٿو، ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آهي، اسان کي تنقيد ڪرڻ گهڻو آسان آهي، مرتضيٰ وهاب چيوته ماڻهن ۾ غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ حڪومت ۽ شهري حڪومت ڪم نه پئي ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جو سڀاڻي افتتاح ٿي رهيو آهي، 31 مارچ تي ايڪسپريس وي جي ٻين روڊن جو به اتفاف ڪيو ويندو، 31 ڊسمبر تي ملير ايڪسپريس وي کي ڪاٺوڙ تائين کوليو ويندو ، هن چيوته لياري ايڪسپريس وي وفاقي حڪومت ٺاهيو، جيڪو نه ئي معياري آهي ۽ نه ئي اتي وڌيڪ گاڏيون هلڻ جي گنجائش آهي، وسائل ۽ نيت آهي ته اسان سڄي شهر ۾ ڪم ڪري سگهون ٿا، ميئر اهو به چيوته اسان ته غريب لاءِ سهولتون فراهم، ڪرڻ چاهيون ٿا، لاهور ۾ موسم خوشگوار، ڪراچي ۾ تباهي، مان چاهيان ٿو ته سٺيون سٺيون ڳالهيون ڪيو، اوهان ڄاڻي واڻي اسان ڪائي بدنيتي نه پيا ڪيون، هن چيو ته چاهيون ٿا ته وسائل ڪي ايم سي جي اڪائونٽ ۾ اچن، ڊسٽرڪٽ سينٽر ۾ اربين روپين جي سيڙپڪاري پيپلزپارٽي ڪئي، چونڊون ٿيون ۽ بدقسمتي سان اتي ساهمي (ترازو) اچي وئي، هن چيوته مان سوال ڪيان ٿو ته ماڻهن جي گهرن ۾ گئس آهي؟ ۽ روڊ ڪٽنگ جي اجازت ڏني وئي، مان اينٽي ڪرپشن ۾ به ويندس، روڊ ڪٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ترازو ساهمي بوکلائجي وئي آهي، چاهين ٿا ته شهر جا مسئلا هجن ۾ مرتضيٰ وهاب چيوته ڪوڙي پروپيگنڊا ختم ڪري ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وال چاڪنگ کان ماڻهو پاسو ڪن، ان سان شهر جي سونهن خراب ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو