ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ کان ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.موسميات کاتي چيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم انتهائي گرم ۽ نم رهڻ جو امڪان آهي، اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو.موسميات کاتي چيو آهي ته ڏينهن ۾ تيز سج جي روشني ۽ سامونڊي هوائون لڳڻ جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري سمنڊ جي ويجهو علائقن ۾ گرمي پد 45 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته اولهه کان 17 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن ۽ هوا ۾ نمي هن وقت 74 سيڪڙو آهي.










