ڪراچي ۾ آن لائن فوڊ ڊليوري ڪمپني جي آفيس ۾ باهه لڳي وئي

ڪراچي ۾ آن لائن فوڊ ڊليوري ڪمپني جي آفيس ۾ باهه لڳي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ناظم آباد عيد گاهه گرائونڊ جي ويجهو هڪ عمارت جي بيسمنٽ ۾ باهه لڳي وئي.فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه هڪ آن لائن فوڊ ڊليوري ڪمپني جي آفيس ۾ لڳي.چار فائر برگيڊ گاڏيون باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، پر دونھين جي ڪري انهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ريسڪيو موجب، دونھين جي ڪري فائر فائٽر عمارت جي گودام ۾ داخل ٿيڻ کان قاصر آهن، ۽ ڳري مشينري جي مدد سان گودام جي ڀت کي ٽوڙي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو