اسلام آباد(بيورورپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي ٻٽي ووٽر لسٽن جي گڏيل استعمال بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب 15 جنوري تي ٿينديون. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مڪاني چونڊن بابت ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ۾ ڊبل ووٽر لسٽون استعمال ٿي رهيون آهن ايم ڪيو ايم جي درخواست هئي ته نئين ووٽر لسٽ تي مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان گذريل ٻڌڻي تي ڪراچي ۽ حيدرآباد بلدياتي چونڊن ۽ ٻٽي چونڊ فهرستن واري معاملي تي ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو.










