ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڀتا خور گروهه خلاف رينجرز ۽ ايس آئي يو (SIU) جي گڏيل آپريشن ۾ 5 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. رينجرز ترجمان موجب، ڪراچي جي علائقي پي آئي بي (PIB) ڪالوني ۾ رينجرز ۽ ايس آئي يو جي گڏيل ڪارروائي دوران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.جوابدارن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي.رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابي فائرنگ ۾ 2 انتهائي گهربل جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوليون (ایمونیشن) هٿ ڪيون ويون آهن. رينجرز ترجمان اهو به ٻڌايو آهي ته گرفتار جوابدار فئڪٽري مالڪن، بلڊرن ۽ ٻين ڪاروباري ماڻهن کان ڀتو اڳڙڻ ۾ ملوث آهن.










