ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ پهرين جون 2025 کان وٺي 57 گهٽ شدت وارا زلزلا رڪارڊ ڪيا ويا آهن.موسميات کاتي جي ترجمان موجب، نيشنل سيسمڪ مانيٽرنگ سينٽر تازي زلزلي جي جھٽڪن جي سرگرمي جي نگراني ڪري رهيو آهي.موسميات کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته انهن زلزلي جي جھٽڪن جي شدت 1.5 ۽ 3.8 جي وچ ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي جي ترجمان چيو آهي ته زلزلي جو هي سلسلو لانڍي فالٽ لائن جي سرگرمي جي ڪري سامهون آيو آهي.










