ڪراچي: پاڻي جي ٽينڪر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ڪراچي: پاڻي جي ٽينڪر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ميٽرڪ بورڊ آفيس ويجهو پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ماڻهو مارجي ويا.فوتين جي سڃاڻپ زبير ۽ ايان جي نالي سان ٿي آهي ۽ اهي اورنگي ٽائون جا رهواسي هئا.پوليس موجب، شهرين جي تشدد سبب ڪاوڙيل ماڻهن ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي پيو.پوليس ٽينڪر ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو