ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ايئرپورٽ ڪاظم آباد ويجهو پاڻي جو ٽينڪر اونڌو ٿي ويو،پوليس موجب حادثو ٽينڪر جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، پر ڊرائيور کي معمولي زخم آيا ۽ کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي،پوليس وڌيڪ چيو ته ٽينڪر کي ڳري مشينري جي مدد سان روڊ جي ڪناري تي منتقل ڪيو ويو.










