ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي رساله ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب جوابدار سياسي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ لياري گينگ وار جي ڪارڪنن جي قتل ۾ سندس ساٿين سميت ملوث آهي.پوليس چيو ته شڪي، پنهنجي ساٿين سان گڏ، هڪ سيڪيورٽي فورس اهلڪار جي اغوا ۽ قتل ۾ پڻ ملوث هو.پوليس موجب، شڪي 2014 ۾ ايران ذريعي ترڪي فرار ٿيو ۽ 2019 ۾ ملڪ پهتو.گرفتار شڪي محمد رزاق کان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو.










