ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر الڳ الڳ حادثن ۾ چار ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا.ڪراچي ۾ ڊفينس خيابان نشاط تي هڪ ڊبل ڪيبن گاڏي جي ٽڪر ۾ آن لائن فوڊ ڊليوري سروس جو موٽرسائيڪل سوار مرتضيٰ مارجي ويو.گاڏي جي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.تين تلوار ويجهو هڪ ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.جام صادق پل ۽ ڪارساز ويجهو حادثن ۾ ٻه موٽرسائيڪل سوار پڻ مارجي ويا.










