ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي 72 انچ لائين بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڦاٽي پئي. ڌاٻيجي پمپ ھائوس ۾ بيڪ پريشر سبب 72 انچ جي ٻه نمبر لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن سبب شھر جي مختلف علائقن کي پاڻي فراهمي معطل ٿي وئي. لائين ڦاٽڻ سبب ڌاٻيجي پمپ ھائوس ڪالوني ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاھي پيو، جڏهن ته ڌاٻيجي پمپ ھائوس ۽ قومي شاهراھ کي ملائيندڙ روڊ تي پاڻي اچڻ سبب پمپ ھائوس جو شھري علائقن سان عارضي طور زميني رابطو ڪٽجي ويو. ٻئي طرف ريزيڊنٽ انجنيئر جو چوڻ هو ته بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڌاٻيجي پمپ ھائوس جا ٻه پمپ بند آهن، بجلي بحال ٿيڻ بعد پاڻي ري اسٽور جو عمل شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳندو، ري اسٽور بعد پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي ويندي. ايگزيڪٽو انجنيئر چيو ته پاڻي تمام گھڻو آهي، پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد مرمتي ڪم شروع ڪيو ويندو، مرمتي ڪم ۾ ٽي ڏينهن لڳي سگھن ٿا.










