ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 72 ڪلاڪن لاءِ پاڻي جي فراهمي بند رهندي.واٽر بورڊ ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، منو ڳوٺ، گلشن اقبال، پيلي ڪوٺي ۽ لياقت آباد ۾ متاثر ٿيل لائينن تي ڪم جاري آهي.ترجمان چيو ته ايف ٽي ايم جي 48 انچ قطر جي پاڻي جي لائن ۽ سي ٽي ايم جي 54 انچ قطر جي پاڻي جي لائن جي مرمت ڪئي پئي وڃي، پاڻي جي لائنن جي مرمت جو ڪم 72 ڪلاڪن اندر مڪمل ڪيو ويندو.واٽر ڪارپوريشن موجب، لياقت آباد، ناظم آباد، پاڪ ڪالوني، گوليمار، شير شاهه ۽ اولڊ سٽي وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي معطل رهندي.لانڍي، ڪورنگي ۽ پي اي ايف بيس مسرور ۾ پاڻي جي فراهمي جزوي طور تي معطل رهندي.واٽر بورڊ ڪارپوريشن جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ايندڙ 72 ڪلاڪن تائين پاڻي احتياط سان استعمال ڪن. ترجمان چيو ته شهر کي روزانو 650 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، پر مرمت جي ڪم جي ڪري، شهر کي روزانو 250 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. ترجمان موجب، شهر کي 400 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي معمول مطابق جاري رهندي.










