ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سائيٽ سپر هاءِ وي علائقي مان هڪ جعلي پوليس آفيسر کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب، شڪي ماڻهن جو گروهه پوليس جي وردي ۽ سادي ڪپڙن ۾ ڏوهه ڪندو هو. واقعي دوران، ٽولي جو سرغنه پاڻ کي ايس ايڇ او طور پيش ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار گذريل مهيني نيشنل هاءِ وي لنڪ روڊ تي ۽ ان جي چوڌاري ڏوهه ڪيا هئا. گرفتار ٿيل ملزم نورالدين کان هٿيار ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.










