ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ 8، 9 ۽ 10 محرم جي مرڪزي جلوس لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن.جلوس جي رستي تي دڪانون ۽ مارڪيٽون سيل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ايم اي جناح روڊ، صدر، ايمپريس مارڪيٽ، پريڊي اسٽريٽ ۽ کارادر تي ڪنٽينر رکي روڊ بند ڪيا پيا وڃن.جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي ويندي.ڪراچي ۾ 8، 9 ۽ 10 محرم جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان شروع ٿيندو، جلوس پنهنجي مقرر ڪيل رستن کان گذرندو ۽ حسينيه ايراني امام بارگاهه تي ختم ٿيندو.










