ڪراچي، حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي، حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو وزارت سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ دوران ايف سي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن دوران سڪيورٽي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي مقرر ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.نوٽيفڪيشن موجب گهرو وزارت حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي ايف سي کي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايف سي جي مقرري جي تاريخ ۽ علائقي جو تعين سنڌ حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي مشاورت سان ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو