لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سڀاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن جي حوالي سان خصوصي وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ عمران خان چيو آهي ته آچر تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن، سڀني ووٽرن کي اپيل ڪريان ٿو ته هن اليڪشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺن. هن چيو ته اوهان سڀني کي ووٽ ڏيڻو آهي، تحريڪ انصاف جو مقابلو انهن سمورين پارٽين سان آهي جيڪي 30 سالن کان هن ملڪ جو رت چوسي رهيون آهن، عمران خان چوي ٿو ته اوهان کي پنهنجي ووٽ سان ثابت ڪرڻو آهي. نئون پاڪستان ۽ اهو وقت اچي رهيو آهي جڏهن مختلف قسم جي سياست ٿيندي، وڊيو پيغام ۾ اڳوڻي وزيراعظم جو اهو به چوڻ آهي ته اها ئي سياست هوندي جيڪا پاڪستان کي اوج تي وٺي ويندي.










