ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو زمينون ۽ معدنيات ڦٻائڻ جي سازش قرار

ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو زمينون ۽ معدنيات ڦٻائڻ جي سازش قرار

نوشهرو فيروز _مورو (پ ر) ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، ديامير ڀاشا ۽ سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان مورو ۾ زبردست احتجاجي مارچ. احتجاجي مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ، عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، لطيف ڀٽي، حسين سومرو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، فريد ڪلهوڙو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ مومل ڏاهري، فهميده سومرو، ثناء راڄپر، ڪائنات، پرهه راڄپر، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ علي نواز عالماڻي، محمد علي شاهه، اسماعيل عالماڻي، سرور سنڌي، ستار عمراڻي ۽ ٻين ڪئي. احتجاجي مارچ ۾ وڏي انگ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن جي شرڪت. ٻارڙن، نوجوانن، هارين، مزدورن سميت وڏي انگ ۾ ماڻھو شريڪ. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ڀاشا ڊيم خلاف سخت نعريبازي. سنڌو درياهه تي نون ڪينالن جي مڪمل خاتمي تائين جدوجھد جاري رکڻ جو وچن. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪينال ٺاهڻ وارو فيصلو اڃان واپس ناهي ٿيو. سي سي آئي جو فيصلو غير آئيني ۽ سنڌي قوم جي جدوجھد کي ماٺو ڪرڻ جي سازش آهي. سي سي آئي پنجاب جو اڪثريتي ادارو آهي. ارسا ۽ سي سي آئي جا ادارا وفاق بدران پنجاب جي نمائندگي ڪن ٿا. اڳواڻن چيو ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي سامراج جي ايجنٽ حڪمرانن قائد اعظم محمد علي جناح جي سيڪيولر ۽ روشن خيال پاڪستان کي مظلوم قومن جو قيد خانو بڻائي ڇڏيو آهي. پنجاب سرڪار ۽ وفاقي حڪومت عملي طور پاڪستان جي وفاق کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات کانپوءِ ملڪ تي قابض آمرن ۽ بيوروڪريٽس پاڪستان ۾ شامل مظلوم قومن جي زمينن، معدنيات ۽ وسيلن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان وفاقي نظام بدران وجداني رياست بڻجي چڪو آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو فاشسٽ راڄ قائم آهي. هنن چيو ته سي سي آئي پنجاب جو ادارو بڻيل آهي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 155 ڪلاز 2 تحت سي سي آئي ڪنھن شڪايت جي صورت ۾ ان فيصلي کي مڪمل رد ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. وفاقي سرڪار وڏي چالاڪي سان ڪينالن جو فيصلو مڪمل رد نه ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سنڌي عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪري. بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري سنڌو درياهه وڪڻندڙ آهن. پيپلزپارٽي وارن سنڌو درياهه ۽ زمينن جو سودو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي وفاقي سرڪار جي اهم ڌر آهي. پيپلزپارٽي کانسواءِ وفاقي سرڪار هڪ ڏينھن به نٿي هلي سگهي. جيڪڏھن بلاول ڀٽو زرداري واقعي ڪينالن خلاف آهي ته صدر آصف علي زرداري صدارتي ڪرسي ڇڏي ۽ وفاقي حڪومت جو ساٿ ڇڏي ڪينالن خلاف جدوجھد ۾ سنڌي عوام سان گڏ بيهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ باوجود تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال کولڻ پنجاب جي بي حسي آهي. ارسا خاموش تماشائي بڻيل آهي. چشما کان گڊو بئراج تائين سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي پر ارسا هڪ اکر ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي. اڳواڻن چيو ته بلاول شهباز اتحادي سرڪار ڪئنال رد ڪري ملڪ ۾ شامل قومن وچ ۾ ڀائيچارو قائم ڪرڻ بدران ڪئنالن جي تلوار کي سنڌ مٿان لٽڪائي ملڪ دشمني ڪئي آهي، هڪڙي پاسي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ڪئنالن جي تلوار به لٽڪيل آهي ته ٻي طرف ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ وڌ کان وڌ بجيٽ رکي ڊيم زوري زبردستي ناهيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال برداشت نه ڪندو، وفاقي سرڪار جيڪڏھن ڊيم لاءِ بجيٽ مختص ڪئي ته اهڙي ملڪ دشمن بجيٽ کي سنڌ جو عوام رد ڪندو. هنن چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ سنڌ مٿان حملو آهي، سنڌ جو پاڻي روڪڻ جي سازش آهي، اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته گذريل جمعي واري ڏينهن بجيٽ تياري جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڀاشا ڊيم لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ جي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ اسين سمجهون ٿا ته ڀاشا ڊيم لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ وارو فيصلو ملڪ خلاف سازش آهي. هنن چيو ته عوامي تحريڪ جي جدوجهد ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ سنڌو درياهه تي نون ڪينالن ۽ ڊيمن خلاف جاري رهندي. ڪينالن ۽ ڊيمن خلاف جدوجھد جو دائرو اڃا به وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو