ڪابينه ڊويزن پاران عمران خان جي هيليڪاپٽر جي خرچن جو تفصيل سينيٽ ۾ پيش

ڪابينه ڊويزن پاران عمران خان جي هيليڪاپٽر جي خرچن جو تفصيل سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس دوران ڪابينه ڊويزن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي هيليڪاپٽر جي خرچن جو تفصيل پيش ڪيو آهي سينيٽ ۾ جمع رڪايل لکت جواب ۾ ڪابينه ڊويزن ٻڌايو ته عمران خان جي هيليڪاپتر تي جنوري 2019 کان مارچ 2022 دوران 43 ڪروڙ 44 لک رپيا خرچ ٿيا ڪابينه ڊويزن جي لکت جواب مطابق عمران خان هيليڪاپٽر تي ان دوران هڪ هزار 579 وي وي آئي پي مشن ڪلاڪ مڪمل ڪيا لکت جواب ۾ ڪابينه ڊويزن چيو ته 2019 ۾ عمران خان جو هيليڪاپٽر 479 ڪلاڪ وي وي آئي پي اڏام ڪئي ان سال ان جي هيليڪاپٽر تي 13 ڪروڙ 19 لک رپيا خرچ آيو سينيٽ ۾ جمع ڪرايل لکت جواب ۾ ٻڌايو ته 2020 ۾ عمران خان جي هيليڪاپٽر 522 ڪلاڪ وي وي آئي پي اڏام ڪئي ان سال ان جي هيليڪاپٽر تي 14 ڪروڙ 35 لک رپيا خرچ آيا 2021 ۾ عمران خان جي هيليڪاپٽر 450 ڪلاڪ وي وي آئي پي اڏام ڪئي ان سال سندس هيليڪاپٽر تي 12 ڪروڙ 38 لک رپيا خرچ آيو جنوري کان مارچ 2022 تائين عمران خان جي هيليڪاپٽر 127 ڪلاڪ وي وي آئي پي اڏام ڪئي ان عرصي ۾ ان جي هيليڪاپٽر تي 3 ڪروٽ 51 لک رپيا خرچ آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو